ع. ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ

ع. ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ

ع. ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ

ع. ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ چترڪار ع. ق. شيخ جي باري ۾ آهي، جنهن کي نامور اديب نصير مرزا مرتب ڪيو آهي. ڪتاب کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ رهاڻ رنگن ساڻ، سارنگ ساروڻين جا، لامون تنهن وڻ سنديون، ع. ق. شيخ بحيثيت ڪهاڻيڪار، ع. ق. شيخ جون نمائنده ڪهاڻيون، رنگن جون ڳالهيون، سورج شاخون ڪڍيون، لڙيو سج لڪن ۾، رنگن جا اوسارا ۽ پڄاڻيءَ جي ڪهاڻي وغيره شامل آهن. ڪتاب ۾ مختلف اديبن نثار حسيني، امداد ڀٽو، رابيل شر، شيخ اياز، مراد علي مرزا، غلام رباني آگرو، ممتاز مرزا، حميد سنڌي، حسن منظر، رشيده حجاب، پروانو ڀٽي، دارا عالم ابڙو، ڄام ساقي، علي نواز ڦلپوٽو، هارون چنا، وينا شرنگي سميت ڪيترن ئي اديبن جا شخصيت ۽ سندس فن تي مقالا شامل آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ جي ٺهيل مختلف ڪتابن جي ٽائيٽلن جا عڪس، پينٽنگس، شاعري، ڪهاڻيون وغيره پڻ شامل آهن. ع. ق. شيخ جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ هي ڪتاب نهايت ئي ڪارائتو ۽ اهم آهي. 400 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، آگسٽ 2010ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو